پير فتح الدين قريشي

پير، فتح الدين قريشي: هيءُ بزرگ پير ابراهيم ۽ ميان محمد درس جو مرشد هو، جيڪو اصل ۾ ملتان جو هو ۽ هر سال سنڌ ۾ مريدن وٽ ايندو هو ۽ سندس وفات به بهلاڻيءَ (ضلعي نوشهري فيروز، تعلقي ڪنڊياري) ۾ مسافريءَ جي حالت ۾ مريدن وٽ ڪيائين. سندس مزار مٿان قبو وغيره ٺهيل نه آهي. صرف ڪچين سرن جي چوڌاري ديوار ڏنل آهي. پير صاحب شيخ بهاءُ الدين ذڪريا ملتانيءَ جي اولاد مان آهي. انهيءَ ساڳئي خاندان جي ٻي شاخ سنڌ ۾ ’بڪيرن‘ ۾ به آهي. سندن اولاد جو پويون بزرگ ميان قائم الدين قلندر قريشي باڪمال بزرگ ۽ ولي الله ٿي گذريو آهي، جنهن جو احوال مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي ’تحفة الڪرام‘ ۾ ڪيو آهي. هن ئي خاندان مان پير محمد اشرف (ڪاماري شريف وارو) بهترين شاعر ٿي گذريو آهي، جنهن جي رسول صلعم جي شان ۾ مدح چيل آهي ۽ سندس ٻيو ڪلام به ڪافي مقبول ٿيو .


هن صفحي کي شيئر ڪريو